راولپنڊي- 25 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??نرل هيڊڪوارٽر (جي ??يڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ يوم تڪريم شهدا پاڪستان جي مرڪزي تقريب منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آرمي چيف جنرل عاصم منير هو. تقريب ۾ پاڪ فضائيه، پاڪ بحريه جي ??ربراهن، حاضر سرو?? ۽ ??ٽائرڊ آفيسر به شريڪ ٿيا جنهن ۾ اڳو??و آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب ال??حمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مشهور شخصيتن ۽ شهيدن جي وارثن شرڪت ڪئي. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گل رکيا، فاتحه خواني ۽ شهيدن جي ??رجن جي ??لندي لاءِ دعا ڪئي، جڏهن ته نيوي ۽ پاڪ فضائيه جي ??ربراهن، اعليٰ فوجي ۽ پوليس آفيسرن به شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. تقريب ۾ موجود شهيدن جي وارثن ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.