اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ ب??گم ثمينه علوي ترڪيه جي خاتون اول سان ٽيليفون ت?? رابطو ڪيو ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي صدارتي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ب??گم ثمينه علوي چيو ته ترڪيه جي خاتون اول سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ترڪ عوام سان پاڪستاني عوام جي يڪجهتي جي ذريعي ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا. ترڪ خاتون اول ب??گم ثمينه علوي جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته صدر اردوان جي فتح بي مثال هئي. هن ترڪيه ۾ تباهي آڻ??ندڙ زلزلي دوران پاڪستان پاران فراهم ڪيل فراخدلاڻي مدد تي ٿورا مڃيا.