اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان بيت المال کي مالي سال 2023ع دوران 6 ارب 4 ڪروڙ رپيا مختلف منصوبن لاءِ فراهم ڪيا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سر??ي مطابق انفرادي مالي??تي معاونت جي پروگرام لاءِ هڪ ارب 27 ڪروڙ رپيا، ايس آڙ سي ايل پروگرام تحت 76 ڪروڙ 42 لک رپيا 5 کان 6 سالن جي چائلڊ ليبر جي اسڪولن ۾ بحاليءَ لاءِ ورهايا ويا. عورتن کي بااختيار بنائڻ جي مر??زن ۾ 44 ڪروڙ 11 لک 80 هزار رپيا، جڏهن ته پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ 51 ڪروڙ 70 لک رپيا خرچ ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال اولڊ هوم ۾ 54 لک 80 هزار رپيا استعما?? ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال شيلٽر هوم ۾ 12 ڪروڙ 22 لک 80 هزار رپيا جڏهن ته ماني سڀني لاءِ پروگرام ۾ 3 ڪروڙ 19 لک 50 هزار رپيا استعما?? ڪيا ويا آهن.