اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پائيدار ترقياتي هدفن تحت خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 7 ار?? 88 ڪروڙ رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. جاري ٿيندڙ پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب بجيٽ ۾ پئڪيج ون تحت اتر وزيرستان ۾ 18 رستن جي تعمير جي لاءِ 19 ڪروڙ، اتر وزيرستان ۾ ايريگيشن سسٽم جي لاءِ 5 ڪروڙ 49 لک، پئڪيج ٽو تحت ڏکڻ وزيرستان جي 3 ترقياتي منصوبن جي لاءِ 2 ار??، پئڪيج ٿري ت??ت 23 منصوبن جي لاءِ هڪ ار?? 88 ڪروڙ ۽ پئڪيج فور تحت 12 منصوبن جي لاءِ 2 ار?? 3 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.