اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪ??دو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏي??ي وزير جو دورو جاپان سان گهڻي وقفي کانپوءِ قيادت جي سطح تي رابطن جي بحالي جو اشارو ڏي ٿو. پرڏي??ي وزير دوري دوران پنهنجي جاپاني هم منصب يوشيما ساحياشي سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏي??ي وزير جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪ??شيدا سان پڻ ملاقا?? ڪندو. هو جاپان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ٽيڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقا?? ڪندو. پرڏي??ي وزير ايشيائي ترقيات?? بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خطاب ڪندو جيڪا جاپان جي هڪ مشهور ٿنڪ ٽينڪ آهي. پاڪستان ۽ جاپان جا ڊگهي عرصي کان لاڳاپا قائم آهن جن جي خصوصيت گرمجوشي، دوستي ۽ مسئلن تي هڪ جهڙا خيال آهي. پرڏي??ي وزير جي جاپان ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي درآمد بابت ناليوارن بزنس هائوسز ۽ ادارن جي نمائندگي ڪندڙ سينيئر عملدارن ۽ ايگزيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه پڻ متوقع آهي.