اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب باجوڙ ۾ جمعيت عل??اءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انس??ني جانين جي نقصانن تي پي ڊي ايم جي سر??راهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل ??لرحمان ۽ متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته باجوڙ جي علائقي خار ۾ جمعيت عل??اءُ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪريان ٿي، جنهن ۾ قيمتي جانين جو وڏو نقصان ٿيو ۽ درجنين زخمي ٿيا. پي ڊي ايم جي سر??راهه ۽ جي يو آءِ جي امير مولانا فضل ??لرحمان ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته هي واقعو ثبوت آهي ته دهشتگردن جو مذهب صرف دهشتگردي آهي، کين انسانيت، معصوم جانين سان ڪو به تعلق نه آهي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي جو خاتمو پاڪستان جي بقاءُ ۽ سالميت لاءِ نهايت ضروري آهي. هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.