اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين 6 مختلف دستاويز?? تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس ۾ منعقد صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ شرڪت ڪئي جيڪو هڪ وفد سان گڏ سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سي پيڪ جي فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ ايڪسچينج مڪينزم قائم ڪرڻ تي مفاهمت جي ياداشت، پاڪستان ۾ چين کي خشڪ ڳاڙهن مر??ن جي برآمد جي لاءِ فائيٽو سينيٽري جي ض??ورتن جي پروٽوڪول ۽ ڪي ڪي ايڇ فيز 2 جي ٻيهر ترتيب جي فزيبلٽي اسٽڊي تي حتمي رپورٽ جي حوالي سان دستاويز?? تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ پاڪستان ۽ چين سفارتي ذريعن سان صنعتي ڪارڪ??ن جي مٽاسٽا جي پروگرام سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ايم ايل ون منصوبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ فني ڪميٽي جي ايڪيهين ڪانفرنس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون آهن.