اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان کي توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، اعليٰ معيار جي بنيادي ڍانچي جي تعمير سميت نه ر??و پاڪستان جي مختلف خطن پر پاڙيسري ملڪن سان رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي، چين ۽ پاڪستان گڏجي نه ر??و پنهنجي ماڻهن پر خطي جي تقدير جو پڻ تعين ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون کي چين جي نائب وز??را??ظم هي لي فينگ ۽ سندس وفد جي ميمبرن جو استقبال ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي جيڪي سي پيڪ جي 10 سالن واريُون تقريبون ملهائڻ جي لاءِ اسان سان گڏ شامل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان آيا. صدر شي جن پنگ جي خصوصي ايلچي طور هو پاڻ سان گڏ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان دوستي جو پيغام کڻي آيو. هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي رفتار جي بنياد جي طور تي اڀريو آهي، جنهن سان اسان کي توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، اعليٰ معيار جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ نه ر??و پاڪستان جي مختلف خطن ۾ پر پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۽ انضمام کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته اسان جي لاءِ سي پيڪ رڳو مختلف منصوبن جو مجموعو نه آهي پر خوشحالي ۽ گڏيل ترقي جي علامت آهي، اهو غربت، بيروزگاري ۽ پسماندگي جي خلاف اسان جي اڻٿڪ جدوجهد جو عڪاس آهي. وز??را????م چيو ته جتي سي پيڪ جو پهريون مرحلو ترقي جي هارڊ ويئر کي ٺيڪ ڪرڻ بابت هو، اتي ايندڙ ٻيو مرحلو زراعت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مهارت جي ترقي، جدت، صنعتڪاري، اقتصادي ترقي، صحت جي شعبن تي ڌيان ڏئي ترقي جي سافٽ ويئر کي اپ گريڊ ڪندو. هن چيو ته هن موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ وز??را??ظم نواز شريف کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي سي پيڪ جو تصور پيش ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار تي زبردست خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. صدر شي جن پنگ جي عالمي قيادت ۽ گڏيل ترقي جو ويزن اسان جي دنيا خاص طور تي گلوبل سائوٿ جي بهتري ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بطور وز??را??ظم آئون سي پيڪ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ ۾ پنهنجو عاجزاڻو ڪردار ادا ڪندي خوش آهيان. چين ۽ پاڪستان گڏجي نه ر??و پنهنجي ماڻهن جي پر خطي جي تقدير جو پڻ تعين ڪندا.