اسلام آباد – 01 آگسٽ(اي پي پي) سعودي عرب جي نائب وزير خالد صالح المظفر چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ برادراڻه تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، سعودي حڪومت پاڪستان سان معدنيات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز س??ٽ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪ??دي ڪيو. خالد صالح المظفر چيو ته معدنيات وارو شعبو انس??ني وسيلن جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، معدنيات ۾ سيڙپڪاري س??ن خطي ۾ واپاري س??گرمين ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته 27 لک پاڪست??ني سعودي عرب جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.