اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزي?? مدد علي سنڌي چيو آهي ته چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم ئي واحد رستو آهي، ملڪ ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهت?? ڪرڻ جي لاءِ ??وب??ئي حڪومتن کي به خط لکيا ويندا، اسان جو هڪ ئي مقصد ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي بورڊ جي اهتمام هيٺ يارهين، ٻارهين جي سالياني امتحان 2023ع جي نتيجن جي اعلان وقت نگران وفاقي وزي?? مدد علي سنڌي چيو ته اسان موجوده چئلينجن مان نڪرڻ جي لاءِ صرف تعليم جو ئي رستو اختيا?? ڪري سگهون ٿا، اسان وٽ مختصر وقت آهي پر اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن بهتري آڻي سگهون ۽ ان سلسلي ۾ تعليم ۽ امتحاني نظام کي بهت?? ڪرڻ جي لاءِ ??وب??ئي حڪومتن کي خط لکيا وي??دا. هن ان موقعي تي وفاقي تعليمي بورڊ جي عملدارن پاران نتيجا جوڙڻ جي ڪم کي ساراهيو ۽ کين مبا??ڪب??د ڏني. هن چيو ته اسان جو مقصد صرف ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. مدد علي سنڌي چيو ته ڏهاڙي وارن استادن کي گهرائي انهن جا مسئلا ٻڌا آهن، جلد ڪو حل ڪڍنداسين.