اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، بلوچستان نه رڳو ق??رتي وسيلن سان مالامال آهي پر ان جي ا??ل طاقت هتان جي باصلاحيت افرادي قوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ کي وزيراعليٰ هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم سان بلوچستان جي نگران ??ڏي وزير علي مردان ڊومڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??ڏي وزير وزيراعظم کي بلوچستان جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم بلوچستان جي انتظامي معاملن، ترقياتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ممڪن نه آهي، بلوچستان نه رڳو ق??رتي وسيلن سان مالامال آهي پر ان جي ا??ل طاقت هتان جي باصلاحيت افرادي قوت آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.