اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته رياست پاڪستان جي رياست جي نمائندگي حڪومت جا ادارا ??ن ٿا، ڪو به غيررياستي ?? غيرحڪومتي شخص رياست جي نمائندگي نه ٿو ڪري سگهي. صحافي انصار عباسي جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي رياست جي نمائندگي رياست ۽ حڪومت جا ادارا ??ن ٿا، اسان جي حڪومت ڪنهن غيررياستي ?? غيرحڪومتي شخص يا اداري کي اهڙي ڪنهن به سرگرمي جي لاءِ نه نامزد ڪيو ۽ نه ئي ڪو اهڙو شخص يا ادارو رياست يا حڪومت جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو.