اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) ن??را?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سمورن تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي پارلي??مي??ٽ ميمبرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جو چيئرمين ۽ ميمبر پارلي??مي??ٽ اينڊريو گيوين، ليبر فرينڊز آف ڪشمير يو ڪي جي چيئرپرسن ناز شاهه ۽ ڪشمير بابت آل پارٽي پارلياماني گروپ (اي ??ي ??ي جي) جو وائيس چيئرمين سام ٽيري شامل هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير مظلوم ڪشميري عوام جي حمايت ۾ آواز اٿارڻ تي برطانوي پارلي??مي??ٽ ميمبرن کي ساراهيو. هن وفد تي زور ڏنو ته اهي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين بابت عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون وڌائين. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ ۽ سمورن سياسي قيدين جي آزادي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. ن??را?? پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي جي تعلق کي مضبوط بڻائڻ ۾ دورو ڪندڙ پارلي??مي??ٽ ميمبرن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وفد جي ميمبرن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??ساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.