اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخ??ار?? ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ ح??صل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ??ار?? ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ح??صل ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي درخواست ڪئي ۽ اخ??ار?? جي مالڪن پ??را?? ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل اخ??ار?? کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخ??ار?? جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ ح??صل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ ??شيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف ملڪ، عمران مقصود ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.