اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي مسلسل ۽ انڌاڌنڌ بمباري، غزه جو غيرانساني گهيراءُ ۽ شهري هدف بشمول پناهگير ڪئمپن، اسپتالن ۽ رهائشي عمارتن تي ڄاڻي واڻي حملن هڪ ناقابل قبول انساني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 3 هفتن کان فلسطينين جو قتل عا?? جاري آهي جنهن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ شهري مارجي چڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار آهن، اهي جنگي ڏوهه اسرائيلي قابض فوج مڪمل ڇوٽ سان ڪري رهي آهي ڇو ته عا??مي برادري فلسطيني عوام جي امي??ن تي پورو لهڻ ۾ مسلسل ناڪام رهي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سينيٽ آف پاڪستان پاڪستاني عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي ۽ والاريل غزه ۾ ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي انسانيت سوز ڏوهن جي شديد مذمت ڪئي. سينيٽ فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته اسان عا??مي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها والاريل فلسطين ۾ ظلمن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي گذريل هفتي جي قرارداد فلسطين جي صورتحال تي وڌندڙ عا??مي اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اها غزه ۾ قتل عا?? جي جلد خاتمي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي امن قائم ڪ??ڻ جي پنهنجي ذميواري پ??ري ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن کي غزه جو گهيراءُ ختم ڪ??ڻ، شهرين جي حفاظت ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا رڪاوٽ امدادي سامان جي فراهمي جي لاءِ انساني همدرديءَ جي لنگهن ۾ سهولت فراهم ڪ??ڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.