ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪ??و ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هجن جيڪي پ??هنجي م??ڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي م??هن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه ج?? گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.