اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير اللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفي اهميت جي معاملن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني والاريل فلسطين خاص طور تي غزه جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن جنگبندي جي فوري ضرورت، گهيراءُ ختم ڪرڻ، غزه جي ماڻهن کي طبي سامان سميت بنا رڪاوٽ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي بنياد تي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ٻيهر شروعات تي زور ڏنو. نگران پرڏيهي وز??ر 15 ڊسمبر تي ڏکڻ اوڀر ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ايراني سي??يو??ٽي اهلڪار ماريا ويا هئا. هن دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم تي زور ڏنو جيڪو علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ ??ڏيل چئلينج آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيل پاڪستان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي م??اس??ا کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.