اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خيبر??خت??نخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪو??ت محدود وسيلن جي باوجود صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن، صوبي جا مالي وسيلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي ??ائ??ٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙي، خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌ??ائ?? موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ خيبر??خت??نخواهه جي معاملن بابت اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته خيبر??خت??نخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ وفاقي حڪو??ت محدود وسيلن جي باوجود خيبر??خت??نخواهه حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبر??خت??نخواهه جي مسئلن کان پوري طرح آگاهه آهيون، اسان خيبر??خت??نخواهه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم خيبر??خت??نخواهه صوبي جا مالي وسيلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هن صوبي جي عوام دهشتگردي جي خلاف لازوال قربانيون ڏنيون آهن. نگران وزيراعظم صوبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ سيڪريٽريل ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندي. ڪميٽي نيٽ هائيڊل پرافٽس ۽ تيل ۽ گئس جي ??ائ??ٽي جي ادائيگي جي حوالي سان سفارشون جوڙيندي. ڪميٽي جي سربراهي ناڻي ??ار?? وفاقي سيڪريٽري ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ منصوبابندي ??ار?? وفاقي سيڪريٽري، پاڻي وسيلن ??ار?? وفاقي سيڪريٽري ۽ پيٽروليم ??ار?? وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. نگران وزيراعظم خيبر ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۽ ايوب ميڊيڪل ڪاليج ايبٽ آباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت گذريل چئن مهينن ۾ هر شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن جن جو فائدو ملڪ ۽ قوم ۽ ايندڙ چونڊيل حڪومت کي ٿيندو. اجلاس ۾ ناڻي ??ار?? نگران وفاقي ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي ??ار?? نگران وفاقي وزير محمد علي، قانون ۽ پاڻي وسيلن ??ار?? نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم، خيبر??خت??نخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ ارشد حسين شاهه، ناڻي ??ار?? نگران صوبائي وزير احمد رسول بنگش، نئين ضم ٿيل ضلعن بابت نگران صوبائي وزير عامر عبدالله، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.