ڪراچي – 02 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمي??ه عارف علوي چيو آهي ته زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي جي ضرورت آهي، ??وا??ي شڪايتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمگير هيلپ لائين ۽ هڪ پليٽ فارم جي ذريعي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي نتيجي ۾ وڌيڪ موثر ۽ وقت سر نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روشني هيلپ لائين جيڪا هڪ غيرسرڪاري ??نظ??م آهي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته ??وا??ي ۽ نجي شعبي ۾ ڪيتريون ئي ??نظ??مون آهن جيڪي شهرين کي ان ڏس ۾ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جدا جدا ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن وٽ شڪايتون وصول ڪرڻ جي لاءِ مختلف هيلپ لائينز آهن جڏهن ته اهو شهرين کي الجهن ۾ وجهي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن سان رابطو ڪيو وڃي. بيگم ثمي??ه علوي تجويز ڏني ته ??وا??ي شڪايتن ۽ هنگامي امداد جي لاءِ ڪالز وصول ڪرڻ جي لاءِ هڪ واحد ۽ ٺوس هيلپ لائين هجڻ گهرجي ۽ مختلف ڊومينز ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ادارا هڪ ڇت جي هيٺ ڪم ڪن ته جيئن شهري هيلپ لائين تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهن ۽ فوري ۽ موثر ڪارروائي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل اداري معاملي کي ريفر ڪري سگهجي. روشني هيلپ لائين جي باني محمد علي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن خاتون اول کي ٻارن جي تحفظ خاص طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ ??نظ??م جي ويزن، ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين انساني حقن واري وزارت، سنڌ پوليس، صوبائي ٻارن جي تحفظ جي ادارن، پاڪستان ريلويز، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ??نظ??من سان رابطو رکي ٿي. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين 20 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي مدد ڪئي آهي ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 9 هزار کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي آهي جڏهن ته آگاهي ۽ پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. بيگم ثمي??ه عارف علوي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ روشني هيلپ لائين جي ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيو. بعد ۾ روشني ٽيم خاتون اول کي سووينيئر شيلڊ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي.