اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني سان ٽيليفون تي رابطو ڪي?? آهي جڏهن ته پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير چيو آهي ته حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقص??ن پهچندو، پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري ڪي?? پڌرائي موجب پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني ايران پاران 16 جنوري تي پاڪستان ۾ ڪي?? حملي جي سخت مذمت ڪندي ان کي پاڪستان جي سالميت جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کي عالمي قانونن ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي به کلي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پڌرائي موجب ايران پاران ڪي?? حملي جي سختي سان مذمت ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقص??ن پهچندو. هن چيو ته پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي وزير جيڪو هن وقت غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ موجود آهي، کي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ٽيليفون ڪئي ۽ نگران پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جو خطرو خطي جي لاءِ گڏيل آهي ۽ ان کي چِٿڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ??يل??ني واضح ڪي?? ته اها هڪطرفي ڪارروائي خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڏو هاڃو رسائي سگهي ٿي. هن چيو ته خطي جي ڪنهن به ملڪ کي اهڙي خطرناڪ رستي تي هلڻ نه گهرجي.