ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آه??، ڪم ڪار وارين جاين تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو پنهنجو صلاحيتون مڃ??ائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمپلائيرز فيڊريشن آف پاڪستان جي وف?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گورنر هائوس ۾ مجيد عزيز جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وف?? صدر کي بزنس ڊس ايبلٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. وف?? پيشيواراڻي سيفٽي، صنفي برابري ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فيڊريشن جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي، معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آه??. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول سان خصوصي ماڻهو هڪ جهڙي طور تي پنهنجون صلاحيتون مڃ??ائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي خصوصي ماڻهن جي شموليت ۽ ان حوالي سان شعور ۾ اضافو ٿي رهيو آه??، تازن سالن ۾ روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آه??. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جا خاتمي جا قانون ۽ بهتر ماحول روزگار سان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافي جو سبب آه??. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوڪريون ۽ روينيو پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آه??، فيڊريشن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي. صدر هنرمند افرادي قوت جي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ قبوليت جي لاءِ نيشنل اسڪلز پاسپورٽ پروگرام کي پڻ ساراهيو. هن معذور ماڻهن جي ورڪ فورس ۾ شموليت تي ڌيان ڏيڻ تي فيڊريشن جي ڪوششن کي ساراهيو.