چارسده – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وزيراعظم سندس فرزند ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم مر??ومه جي لاءِ فاتحه پ??هي ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مر??ومه جي خاندان سا?? تعزيت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ريجنز وارو وزير امير مقام ۽ ق??مي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر اختيار ولي پڻ موجود هئا.