اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ججز جي ??ط تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو ڪارروائي ڪري رهي آهي، خطن ۾ ملندڙ مشڪوڪ پائوڊر جي ??عاملي جي ??اچ جاري آهي، ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، حڪومت پوري ذميواري سان جاچ ڪرائيندي، معاشي ترقي، غربت ۽ بيروزگا??ي ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ??اءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني اسٽينڊ بائي معاهدي جي 1.1 ارب ڊالر جي ??خري قسط ملي ويندي، معاشي استحڪام جي ??اءِ آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو پروگرام ضروري آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي ??اءِ ڪنسلٽنٽس هلندڙ مهيني مقرر ڪيا ويندا، پي آءِ اي جي ??جڪاري شيڊيول موجب ٿيندي، چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ??ي چيف جسٽس سان ملاقات جي ??وشني ۾ انڪوائري ڪميشن جي ??نظوري ڏني وئي. اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني جي ??شاورت ۽ رضامندي سان ان انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو پر بعد ۾ جسٽس تصدق حسين جيلاني ذميواري ادا ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ هاڻي اهو اعليٰ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. اسان پنهنجي ??ميواري پوري ڪري ڇڏي هئي. وزيراعظم چيو ته مشڪوڪ پائوڊر ججز کي موڪلڻ جو معاملو پڻ سامهون آيو آهي. ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي ??وري ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اعليٰ عدليه پاڻ ان معاملي جي ??اچ ڪري رهي آهي. حڪومت ان معاملي ۾ مڪمل جاچ ڪرائيندي ته جيئن سموريون حقيقتون سامهون اچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت، توانائي واري وزارت، زراعت ۽ آءِ ٽي وارين وزارتن سميت مختلف وزارتن جو تفصيلي اجلاس ٿيو آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو هڪ اهم ڪردار رهيو. ان تفصيلي اجلاس کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي انهن وزارتن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو ته جيئن جيڪي انهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، انهن کي حل ڪري سگهجي ۽ معيشت پنهنجي ??يرن تي بيهي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي ۾ ترتيبوار گهٽتائي ٿي رهي آهي. غربت، مهانگائي ۽ بيروزگا??ي ۾ گهٽتائي جي ??اءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان هلندڙ مهيني اسٽينڊ بائي معاهدي جي 1.1 ارب ڊالر جي ??خري قسط ملي ويندي. ناڻي وارو وزير پنهنجي ??يم ساان گڏ آمريڪا جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي جتي ان جون نئين پروگرام جي ??اءِ آءِ ايم ايف عملدارن سان ملاقاتون ٿينديون. آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو نئون پروگرام ضروري آهي جنهن سان معيشت ۾ استحڪام ايندو ۽ عالمي ادارن جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ اسان اعتماد سان ڪم ڪري سگهنداسين. آءِ ايم ايف جون شرطون ايتريون آسان ته نه هونديون پر اسان جي ??ها سوچ ۽ منصوبو آهي ته غريب ماڻهو ۽ اڳ کان ٽيڪس ڏيندڙن تي بار گهٽ کان گهٽ پوي ۽ اهو بار انهن تي وڌو وڃي جيڪي اهو بار کڻي سگهن ٿا. حڪومت غربت ۽ بيروزگاري جي ??اتمي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، اميد آهي ته هلندڙ مهيني ئي ڪنسلٽنٽس مقرر ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي حوالي سان پڻ اجلاس ٿي چڪو آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ??ي شعبي ۾ ترقي جي ??مام گهڻي گنجائش آهي. آءِ ٽي جي ??عبي ۾ ترقي جي ??والي سان حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي سميت خسا??ي ۾ هلندڙ ادارن جي ??جڪاري جي ??والي سان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن تي عملدرآمد ٿيندو، اميد آهي ته پي آءِ اي جي ??جڪاري جو جيڪو شيڊيول طئي ڪيو ويو آهي ان تي عملدرآمد ٿيندو. ان کانسواءِ ايئرپورٽس جي ??ئوٽ سورسنگ جي ??والي سان فيصلا ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ ترڪيه جي ??ڪ ڪمپني جا عملدار 6 تاريخ تي پاڪستان پهچي رهيا آهن. دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ مون سان انهن جون ملاقاتون ٿينديون. انهن کي پاڪستان ۾ ان حوالي سان موجود صلاحيت ۽ موقعن بابت آگاهه ڪيو ويندو. اسان اهو طئي ڪيو آهي ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هتي گهرايو ويندو ۽ جيڪي نه اچي سگهندا بعد ۾ عيد کانپوءِ اسان جي ??يم انهن سان ملاقاتون اتي وڃي ڪندي. وزيراعظم چيو ته آئوٽ سورسنگ جي ??والي سان رڳو اسلام آباد ايئرپورٽ کي غور هيٺ آندو ويو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي سهولتون تمام محدود ٿي ويون آهن ۽ مسافرن کي تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي. ڪراچي ايئرپورٽ جي ??والي سان پڻ اجلاس طلب ڪيو ويندو ۽ قدمن تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته چيني سفير سان گڏ هن داسو جو دورو ڪيو. چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن سان منهنجي ??لاقات ٿي انهن کي تسلي ڏني، چيني وفد جي گهرو وزير ۽ پرڏيهي وزير سان پڻ ملاقات ٿي آهي. مارجي ??يلن جا مڙهه ايئرفورس جي ??هاز جي ??ريعي چين پهچايا ويا. صوبن سان گڏ??ي چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو ويندو.