اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي، وزيرا??ظم شهباز شريف جي ويزن موجب يو اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هو گڏيل عرب امارات جي ??في?? حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفن لا??اپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. گڏيل عرب امارات جي ??في?? بشام ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل ويزن ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل لا??اپا قائم آهن. پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. هن چيو ته ايمرٽس ايئرلائين جي پهرين اڏام پي آءِ اي جي پائليٽ اڏائي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اعليٰ مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لا??اپا هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يو اي اي جي ??في?? کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن، جڏهن ته معاشي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيرا??ظم شهباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير معيشت جي بهتري لاءِ گڏيل روڊ ميپ ٺاهڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. يو اي اي جي ??في?? حماد عبيد ابراهيم الزابي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن موجب ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي يقين رکون ٿا. يو اي اي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي. پاڪستان جي معاشي ترقي جي لاءِ ساڻس گڏ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير گڏيل عرب امارات جي ترقي ۽ تبديلي جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ ڪوششن کي ساراهيو.