اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي ايراني صدر ??ي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شر??ف وزيراعظم هائوس جي سبزه زار ۾ ڌرتيءَ جي ڏينهن جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي ص??يح?? واري تقريب ۾ شر??ڪ ٿيندا. ٻئي اسلام اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ پڻ شر??ڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم ايراني صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهان??و پڻ ڏيندو.