اسلام آباد – 09 – مئي (اي ??ي پي) قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي پرڏيهي وزارت پهچي ويو، پرڏيهي وزارت پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊ??ر قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. قطري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊ??ر جي وچ ۾ باضابطا ڳ??لهه ٻولهه پڻ ٿيندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڊگهي مدي، وسيع البنياد ۽ ٻطرفا لاڳاپ?? قائم آهن.