اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آئرلينڊ جي حڪومت پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهو فيصلو معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو ??يغام ڏيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آئرلينڊ جي وزيراعظم سائمن هيرس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم ائرلينڊ جي وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آئرلينڊ پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي تي آئرش حڪومت جي فيصلي کي ساراهيو. هن چيو ته آئرلينڊ جو ??هو فيصلو انهن معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو ??يغام ڏيندو جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي ظلمن جو ??ڪار آهن ۽ فلسطين ڪاز کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته آئرلينڊ جو ??هو فيصلو ٻين ملڪن تي به اهڙا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جو ??بب بڻجندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه جي وڪالت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻڻ جو ??احد رستو آهي. ??ن فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ??رجاءُ ڪيو ۽ آءِ سي جي جي اسرائيل کي غزه ۽ رفح تي حملا بند ڪرڻ جو ??ڪم ڏيڻ جي فيصلي کي ساراهيو. هن ان اميد جو ??ه اظهار ڪيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام کي به عالمي برادري پاران اهڙي طرح جو ڌيان ملندو ڇو ته اها به گذريل 7 ڏهاڪن کان وحشياڻي قبضي ۽ بنيادي انساني حقن کان انڪار کي برداشت ڪري رهي آهي. وزيراعظم سائمن هيرس چيو ته آئرلينڊ ٻين يورپي اتحادين جي مشاورت سان اصولي فيصلو ڪيو آهي ڇو ته غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي کي ڪنهن به طرح معاف نه ٿو ڪري سگهجي. آئرلينڊ جي حڪومت محسوس ڪيو ته اهو فيصلو حالتن کي معمول تي آڻڻ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ پنهنجو ??يزيڊنٽ مشن کولڻ جي آئرلينڊ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته اهو نئون مشن ڊبلن ۾ پاڪستان جي مشن سان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وزيراعظم سائمن هيرس کي پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.