اسلام آباد- 13 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سينئر صحافي عون ساه?? ۽ ??وخيز ساهي جي والده جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي سيڪريٽري چيو ته عون ساه?? ۽ ??وخيز ساهي جي والده جي وفات جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته امڙ جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي مائرن جي زندگي هميشه پنهنجي ٻارن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري ويندي آهي. وفاقي سيڪريٽر?? ۽ ??ي آءِ او چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ گهرڀات??ن سان گڏ آهيون. هنن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطافرمائي ۽ ڏکويل ڪٽنب کي صبر ۽ همت سان اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي.