اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جا هنگري سان پراڻا دوستاڻا لا??اپا آهن، پاڪستان هنگري سميت سمورن دوست ملڪن سان گڏيل لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيا?? موجب اهڙو اظهار هن هنگري جي ??في?? بيلافيزيڪاس سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن جمعي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لا??اپن ۽ پارلياماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ پاڪ – هنگري پارلياماني فرينڊشپ گروپ ذريعي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق تعليم جي ميدان ۾ هنگري جي تعاون کي ساراهيو. ??في?? اسپيڪر جي هنگري لاءِ خير سگالي ۽ لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هنگري جي ??في?? به پاڪستان سان پنهنجي لا??اپن ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ??في?? هنگري جي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پارلياماني وفد سان گڏ دوري جو دعوت نامو به ڏنو.