اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي لعنت کي مڪ??ل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ڇانوڻي تي هڪ وڏو دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردن ??و بهادري سان مقابلو ڪندي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بنون ڇانوڻي ۾ دهشتگردن ??ي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن نائب صوبيدار محمد شهزاد، حوالدار ظل حسين، حوالدر شهزاد احمد، سپاه?? اشفاق حسين خان، سپاهي سبحان مجيد، سپاهي امتياز خان، سپاهي ارسلان ??سلم ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي لانس نائيڪ سبز علي جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن ??ي خاندانن سان ??عزيت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون لازوال آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته اسان ??ملي ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي لعنت کي مڪ??ل ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.