ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ واري ڏينهن ڀارت عالمي ق??نون پائمال ??ند?? هڪ طرفو ق??م کنيو، اهو ق??م تڪراري علائقي تي غاصباڻي ق??ضي لاءِ کنيو ويو. والاريل ڪشمير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪشمير جي تاريخ کي هند??تا?? جبر وسيلي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. پاڪ??تا?? جي سڄي قوم والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آه??. خ??داراديت واري حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين. والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هند??تا?? ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري هند??تا?? جي غيرقانوني ق??م جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪ??تا??ي چين سان نه ويهندو. پاڪ??تا?? مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.