اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ??رع??م آهي، هن اعتمادسازي جي قدمن جي ذريعي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي وارن قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪي??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي رابطن ۽ اعتمادسازي قدمن واري ڪانفرنس (سيڪا) جي جنرل سيڪريٽري سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. وزيراعظم اعتمادسازي جي قدمن ذريعي علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪا جي بنيادي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪي??. هن تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ، تڪرارن کان بچڻ جي حڪمت عملي تي عمل پيرا ٿيڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي وارو حل تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪي??. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ??رع??م آهي. وزيراعظم علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪي?? ۽ ان سلسلي ۾ سيڪا جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. سيڪريٽري جنرل سريبي وزيراعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ قدمن سان گڏوگڏ مستقبل جي لاءِ تجويز ڪي?? ويزن بابت آگاهه ڪي??. هن سيڪا ۾ پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي ويجهو تعاون جاري ر??ڻ جي اميد ظاهر ڪئي.