نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته ترڪ صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جو مسئلو موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو، اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سا?? حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سا?? معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سا?? ملاقات کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائي??دي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ ترڪ صدر ان??ها??ي پرجوش خطاب ڪيو. ترڪ صدر سا?? ملاقات ۾ تفصيلي ڳا??هه ٻو??هه ٿي. ترڪ صدر فلسطين جو مسئلو جهڙي طرح بيان ڪيو، ان سا?? سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو آهي. وزيراعظم ترڪ صدر کي سندس خطاب تي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪ صدر سا?? ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳا??هه ٻو??هه ٿي آهي. ترڪ صدر جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون سخت هيون پر اسان اهي سڀئي شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات جا دل جي گهراين سا?? ٿورا مڃي??دي چيو ته انهن جي تعاون کانسواءِ اهو ممڪن نه هو. آءِ ايم ايف معاهدو حتمي مرحلي ۾ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرطن جو تعلق چين سا?? هو، چيني حڪومت ماضي وانگر ٻيهر پاڪستان جو هٿ مضبوط ڪيو. چيني قيادت جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سا?? حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سا?? معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جو رخ صحيح رکي ۽ اسان کي پاڪستان جي عوام جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.