اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ فلسطين ۽ لبنان جي صورتحال تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن فلسطين ۽ لبنان جي عوام لاءِ پنهنجي گهري وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو.