اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، ع??امي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي ن??مزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي ن??مزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي ن??مزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي ن??مزد هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي ن??مزد هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي ن??مزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار?? معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.