اسلام آباد-04 نومبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ منعقد ٿيل نمائش فوڊ اي جي م??نو??يڪچرنگ ۾ شرڪت لاءِ 5 نومبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق 3 ڏينهن واري نمائش لاهور جي ايڪسپو سينٽ?? ۾ 5 کان 7 ڊسمبر تائين جاري رهندي جنهن ۾ فوڊ سپلاءِ چين سالوشن، فوڊ پروسيسنگ، فوڊ آٽوميشن اينڊ ڪنٽرول، ايگري ٽيڪ، فوڊ سيفٽي اينڊ ڪوالٽي، ليبلنگ ۽ سپلاءِ جي اوزارن، ويئر هائوس مينيجمينٽ سسٽم سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ اد??را پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.