اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس افغانستان سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ان مقصد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ افغانستان بابت روسي فيڊريشن جي صدر ج?? خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوف جو هڪ ڏينهن دورو ڪيو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بل??چ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقاتون ڪيون. هن پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقات ??ئي ۽ بعد ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائچ سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افغانستان سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ڌرين ان مقد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.