اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ترجمان شازيه عطا مري چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو آهي، جنهن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. ڪالهه هتي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان کي ??ست??ڪام ۽ اتحاد جي ضرورت آهي، ڏڦيڙ ۽ وِرڇ جي نه. هن چيو ته پُرامن احتجاج جي نالي تي پيٽرول بم اُڇلائڻ، گاڏيون ساڙڻ هاڻ پي ٽي آءِ جي سُڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، ا??ان کي احتجاج ??ان مسئلو ناهي، ڏڦيڙ ۽ نفرت جي سياست ڪرڻ تي افسوس آهي. شازيه مري چيو ته يو ٽرن ڪوڙ، الزام، لشڪر ڪشي هن ٽولي جي سُڃاڻپ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ جيڪي سمجهدار ماڻهو هئا اهي خاموش آهن ۽ غير ذميوار ماڻهن کي پارٽيءَ جون واڳون ڏنيون ويون آهن. شازيه مري چيو ته اهڙيون ڌُريون ملڪ نه پر هڪ ش??ص جي خوشنودي ۾ لڳل آهن جيڪي پنهنجي ذات خاطر ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ا??ان لاءِ ملڪ اهم آهي، ڪا سياسي پارٽي ملڪ کان مٿاهين ناهي. هن چيو ته اهي ماڻهو حڪومت ۾ هئا ته ملڪ کي نقصان پهچايو ۽ هاڻ مخالف ڌُر ۾ ويهي به عوام جي ڪا فڪر نٿا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين مشورو به ڏنو هو ته پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ وڙهو ۽ ڪجهه عوام جو سوچيو. هن چيو ته اڄ هڪ ضدي ۽ گهمنڊي ماڻهوءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ ملڪ کي بار بار نقصان پهچايو پيو وڃي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سرمايو آهن، انهن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. ا??ان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ سالميت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جڏهن ملڪ ترقي ڪندو ته ا??ان سڀ ترقي ڪنداسين. شازيه مري چيو ته پ پ جي قيادت ۽ ان جي ڪارڪنن بيشمار تڪليفون برداشت ڪيون آهن پر ڪوبه ڏڦيڙ نه پکيڙيو. ا??ان آمرن جو ڄمي مقابلو ڪيو پر ملڪ جي ساک کي ڪڏهن به نقصان نه پهچايو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو ته بلاول ڀٽو زرداري سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو، ا??ان جي قيادت سخت ت??ين جيل ڪاٽيو ۽ صدر زرداري بيگناهه 13 سال جيل ڪاٽي، پي ٽي آءِ ٻُڌائي ته جيل ۾ هر قسم جون سهولتون ڪيترن قيدين کي ملن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ??ست??ڪام خاطر ا??ان کي اتحاد ۽ امن کي هٿي ڏيڻي پوندي. سياست کي خدمت سمجهندي ا??ان جي وڏن هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪيو، هن وقت ملڪ کي هر پاڪستاني ڀاءُ ڀيڻ، بزرگ، ڌيءُ ۽ پُٽ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحاليءَ خاطر ا??ان کي گڏجي نفرت، ڏڦيڙ ۽ وِرڇ جو خاتمو ڪرڻو پوندو.