اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي ??عب?? سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته جرمني تجديد جوڳي توانائي جي ??عب?? ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪن??و. هن چيو ته پاڪستان تمام ذميداري سان توانائيءَ جي ??عب?? ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهيو آهي ته جيئن بجلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪن??ڙ شامل ٿي سگ??ن. ??ن چيو ته بجلي جي ??عب?? ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪستان جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اسان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ته توانائي جي ??عب?? ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻجي رهي آهي. هن چيو ته جرمني پاڪستان جي توانائيءَ جي ??عب?? ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ته جرمني نجي ??عب?? پاڪستان جي توانائي جي ??عب?? ۾ ??ڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.