اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ ??ول??س اهلڪارن جي ??اڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن ??اء?? رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان لتاڙيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب ??اء?? صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ ??ول??س اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ ??ول??س ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي. ??ول??س ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لاڳو ڪرڻ ??اء?? مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن ??ول??س اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن ??اء?? رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ ??ول??س اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.