اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ??ندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻا??ڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان ??لسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪ جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ??يڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملاز??ت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اسان معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور ماڻهن جي حقن، ڀلائي ۽ شموليت جي فروغ جي لاءِ خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان ??صوصي ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي سگهه، همٿ ۽ قابل قدر ڪردار جو پڻ اعتراف ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ??ندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻا??ڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان ??لسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ اداراجاتي فريم ورڪس جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ??يڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملاز??ت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. صدر چيو ته ايڪٽ تحت خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ ڪائونسل جو قيام معذور ماڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ۽ ٺوس موقف طرف اهم قدم آهي، اها ڪائونسل خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ آگاهي جي لاءِ هڪ مرڪزي اداري جي طور تي ڪم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ??صوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تعليم ۽ تربيت جي اهميت جو ادراڪ رکي ٿو، ان ??لسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي مختلف ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تعليمي مرڪزن ۽ پيشيواراڻي تربيتي ادارن جو هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ تيار ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن جي پاڻڀرائپ ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻا??ڻ جي لاءِ اهو مرڪز خصوصي ماڻهن کي ضروري مهارتن ۽ تعليم سان ليس ڪندو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ سان معذور ماڻهن کي روزگار جي موقعن تائين پهچ حاصل ٿيندي. صدر چيو ته جيتوڻيڪ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪافي قدم کنيا ويا آهن پر اڃا به تمام گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي، اسان کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ ۽ سازگار قانوني، سماجي ۽ معاشي حالتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن روزگار، راندين، تعليم ۽ ??ين سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين سميت سمورن شعبن ۾ انهن جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي، اسان کي خصوصي ماڻهن کي معياري تعليم، هنر، صحت جي سهولتن، مهارتن ۽ قابليت جي بنياد تي روزگار ۽ نوڪرين جي ڪوٽا تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري هڪ سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي. صدر معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڏنو ته اهي هڪ اهڙو معاشري جوڙڻ ۾ اسان ??ي مدد ڪن جتي خصوصي ماڻهن سان ??زت وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي لاءِ ضروري وسيلا مهيا ڪيا وڃن، گڏجي هڪ اهڙي جامع پاڪستان ??ي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر ماڻهو کي ان ??ي اهليت کان هٽي ڪري پنهنجون صلاحيتون نکارڻ جو موقعو ملي.