اسلام آبا?? -03 ڊسمبر (اي پ?? پي) پاڪستان ڪر??يٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪر??يٽ ورلڊڪپ جو ٽائيٽ?? کٽڻ تي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلائينڊ ڪر??يٽ ٽيم جي رانديگرن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ چيمپيئن هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوري ٽورنامينٽ ۾ بلائينڊ ڪر??يٽ ٽيم جي رانديگرن بهترين راند پيش ڪئي. ڪپتان نثار علي ۽ محمد صفدر شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ فائينل ۾ فتح کي يقيني بڻايو. هن چيو ته پاڪستان بلائينڊ ڪر??يٽ ٽيم جي مينجمينٽ به مبارڪن جي مستحق آهي. ٽيم جي سمورن رانديگرن جذبي سان محنت ڪئي ۽ ورلڊڪپ ٽائيٽ?? کٽيو.