اسلام ??با?? – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فور??ز پاران خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مختلف آپريشنز ۾ 8 خوارج مارڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڏکڻ وزيرستان ۽ لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن آپريشن دوران دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث گهربل دهشتگرد جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر س??ڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو.