اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير م??سن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وزير م??سن نقوي آمريڪي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل ??اتمي لاءِ لائحه عمل ??ڻائڻو پوندو. ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو سيڪريٽ??ي خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن نيٽلي بيڪر به ان موقعي تي موجود هئي.