اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر ق??م کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران خان سان ??نصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ٽي آ??ِ خيبرپختونخواهه جو صدر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽي آ??ِ پنجاب جو صدر ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽي آ??ِ ڏکڻ پنجاب جو صدر ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ٽي آ??ِ سنڌ جو صدر ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ٽي آ??ِ بلوچستان جو صدر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر ق??سم خان سوري ۽ پي ٽي آ??ِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پڻ موجود هئا. وزيراعظم سمورن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر ق??م کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.