اسلام آب??د – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ غلطيون ڪري جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ک?? به چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪرائڻ لا??ِ تيار آهيون جنگ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ۽ هنر فراهم ڪنداسين جنهن سان هو ملڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لا??ِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لا??ِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اند?? امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرام جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو