اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئ?? ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم ??يو ته اسلام امن جو دين آهي، ان کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قانونسازي ۾ بنيادي انساني ح??ن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر ??يو ته دهشتگردي جي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آه?? اهو هن قانون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قانون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخص جي بنيادي انساني ح??ن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف ??يو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي بنيادي ح??ن جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قانونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مين جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي ??يو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اسان کي ان جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قانونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ??يو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قانون نه ايندو ٻي قانونسازي نه ڪنداسين. هن ??يو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئي اسان ک?? اها قانونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.