اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي موجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگي سان ڪڻڪ جي رليز تي اطمينان جو اظها رڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻاي?? وڃي، ڪڻڪ جي وڏي مقدار سان گڏوگڏ من??سب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد ??ما?? اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر ام??م، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.