اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما دنيا ۾ پيش ڪرڻ، معياري ??واد جي تياري، براڊ ڪاسٽنگ اوزارن جي درآمد سميت هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، فلم کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جون تجويزون وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيون وينديون. پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو فلمي صنعت جي ذريعي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ رڪاوٽن ختم ڪرڻ جو فورم آهي، پاڪستاني ڊراما، فلمون ۽ آرٽ ملڪ جو مثبت تشخص اج??گر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هو اطلاعات ۽ نش??يات واري ??زير جي اهتمام هيٺ پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو تحت سافٽ پاور جو فروغ ۽ پرڏيهي نا??وح??صل ڪرڻ جي عنوان سان مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نش??يات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن، فلم ايسوسيئيشن، جنگ ميڊيا گروپ، ايور ريزي پيڪيجز گروپ، ايگزبيٽر گروپ، جي اي ايم گروپ، اي آر وائي ميڊيا گروپ جي عهديدارن، پرڏيهي وزارت، واپار، ادبي ورثو، ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدار شريڪ هئا.