وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ملاقات

image
APP53-011222 ISLAMABAD: December 01 - Chairman Joint Chiefs of Staff Committee General Sahir Shamshad Mirza calls on Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif. APP/MOS

اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي. وزيراعظم جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس پريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جنرل ساحر شمشاد مرزا جي آرمي جي پيشيواراڻي معاملن ۾ قابليت ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته فوج قوم جو قيمتي اثاثو آهي، قابل ترين آفيسرن جي قيادت ملڻ سان ملڪ جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ملاقات ۾ هٿياربند فوج جا پيشيواراڻي معاملا غور هيٺ آيا. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں